فدا سرهيو

فدا سرهيو: شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ٻاراڻي ادب جو ليکڪ پروفيسر فدا احمد ولد آخوند حافظ محمد سرهيو 8 جون 1932ع تي، سعيد پور ٽڪر، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس والدين لڏي اچي ٽنڊي محمد خان شھر ۾ ويٺا. ايم اي (سنڌي ادب)، بي ايڊ، اديب فاضل ۽ ڊرائنگ ايليمينٽري جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ، 1948ع ۾ پرائمري استاد، 1973ع ۾ ليڪچرر ۽ 1992ع ۾ پروفيسر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد ۾ ٽيچنگ ٽريننگ دوران 1953ع ۾ اسٽيج ڊرامي ”مومل راڻو“۽ 1954ع ۾ ”ليلا چنيسر“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ان وقت ٽريننگ ڪاليج مان نڪرندڙ ”اخبار تعليم“ ۾ پابنديءَ سان لکڻ لڳو. شاعريءَ ۾ پھرين ’عامري‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو، پر پوءِ ’فدا سرهيو‘ جي نالي سان ئي لکڻ لڳو. ان کانپوءِ سندس تحريرون ماهوار ’بادل‘، ماهوار ’گلستان‘، ’گل ڦل‘، ماهوار ’فردوس‘، ’نئين زندگي‘ ڪراچي، ’راج فلمستان‘ بمبئي، 15 روزه ’ميراث‘، ’روشني‘ ٽنڊو محمد خان، ’فروع ادب‘ ڪراچي ۽ ’جديد شعراءِ سنڌ‘ ۾ ڇپجنديون رهيون.
هن 1954ع ۾ ”اداره سنڌي ادب“، ٽنڊو محمد خان قائم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنھن جي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ اداري پاران اشاعتي سلسلو ۽ لائبريري قائم ڪئي، جنھن جو لائبريري سيڪريٽري ۽ پبليڪيشن سيڪريٽري پڻ رهيو.
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊي جان محمد، گورنمينٽ ڪاليج سعيد پور (بدين) ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان جي ساليانن مخزنن جي سنڌي سيڪشن جو انچارج ۽ ايڊيٽر رهيو. ٽنڊي محمد خان ۾ مختلف ادبي، تعليمي ۽ سماجي تنظيمن جو ميمبر ۽ عھديدار رهيو، جن ۾: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) ’بزم بسمل‘ انجمن ترقي سنڌي، ’يونائيٽڊ فورم‘، ’پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن‘ ۽ ’انجمن خادم الاسلام‘ جو جنرل سيڪريٽري رهيو. 1958ع کان 1961ع تائين ’بزم گلشن ادب‘ ۽ 1964ع ۾ ’ٻالڪ سنگت‘ سنڌ جو باني صدر رهيو.
ان کان علاوه ’اداره سنڌي ادب‘ طرفان ”مرڪز تعليم بالغان“ قائم ڪرائي، ان ۾ درس ۽ تدريس جون خدمتون انجام ڏنيون. هن اداره سنڌي ادب ٽنڊي محمد خان طرفان پندرنھن ڪتاب، اداره گلشن ادب طرفان ايڪيھه ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊي محمد خان طرفان ٻه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس مرتب ڪيل ڪتابن ۾: ’جواهرات‘ (افسانا)، ’ڪرڻا‘ (افسانا) ۽ ’عورت‘ (افسانا، مضمومن ۽ مقالا) شامل آهن. هن 22 جنوري 2024ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.06.08  عيسوي

شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ٻاراڻي ادب جو ليکڪ پروفيسر فدا احمد ولد آخوند حافظ محمد سرهيو 8 جون 1932ع تي، سعيد پور ٽڪر، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آلو فقير
آخوند هدايت الله مشتاق هالائي
راهب شاهه شيرازي
حافظ محمد موسيٰ ڀٽو
خير محمد سومرو
ڄام راهو
جلال محمد مخدوم2
ساڌنا شوداساڻي
درس عبدالرحيم
امان الله شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون